ڪراچي پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آھي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪراچي پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر خرم شير زمان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي ڪارڪن نجمي عالم کان هارائي ويو، جنهن 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي جعلي مينڊيٽ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو،   هڪ شخص کي 2018 جي عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو  ميمبر سليڪٽ ڪرايو ويو. جڏھن تہ اھو شخص  يونين ڪائونسل جي چونڊ نه کٽي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.