بدين ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ڀاتي چونڊجي ويا

بدين(م ڊ) بدين ۾ مڪاني چونڊن ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهو چونڊجي ويا، پ پ جو سائين بخش جمالي، سندس ٽي ڀائر، پٽ ۽ ڀائيٽيو ڪامياب قرار ڏنا ويا، يوسي 38 ۾ پ پ جو سائين بخش جمالي ضلعي ڪائونسلر چونڊجي ويو، يوسي 37 ۾ سائين بخش جمالي جو ڀاءُ عطا جمالي ضلعي ڪائونسلر چونڊجي ويو، يوسي 33 ۾ سندس ٻيو ڀاءُ غلام رسول جمالي چيئرمين جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، يوسي 38 ۾ ٽيون ڀاءُ صدر جمالي به چيئرمين چونڊجي ويو، يوسي 37 ۾ سائين بخش جمالي جو ڀائيٽيو حاڪم علي جمالي چيئرمين چونڊجي ويو، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو وارڊ نمبر ۾ هن جو پٽ خان صاحب جمالي ڪائونسلر چونڊجي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.