مسلمان جي ويري مودي سرڪار روڊ ويڪرو ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي هڪ ٻي تاريخي مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي رياست اترپرديش ۾ انتها پسند وڏي وزير آديتيه ناٿ جي سرپرستي ۾ مسلمان دشمن ڪارروائيون جاري آهن.
رياستي مشينري مسلمانن کي ختم ڪرڻ جي سرڪاري ايجنڊا تي عمل درآمد ڪري رهي آهي، اتر پرديش ۾ سورهين صدي ۾ تعمير ڪيل تاريخي مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو.
مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مسجد روڊ کي ويڪرو ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجي رهي هئي انڪري ان کي شهيد ڪيو ويو.
واضح رهي ته مسجد انتظاميا ۽ علائقي ۾ رهندڙ مسلمانن مسجد کي شهيد ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ مقامي عدالت سان رابطو ڪيو هو ۽ ٻن ڏينهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي.