حڪومت، سياسي پارٽيون ۽ رياستي ادارا هڪ ميز تي ويهن: طاهر اشرفي

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان علماءُ ڪائونسل ملڪ جي موجوده حالتن جي ڏس ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ جون حالتون تقاضا ڪن ٿيون ته حڪومت، ملڪ جون سموريون مذهبي ۽ سياسي پارٽيون ۽ رياستي ادارا ڳالهين واري ٽيبل تي ويهن ۽ معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، محاذ آرائي ۽ سياسي عدم استحڪام سان پاڪستان وڌيڪ مصيبتن ۽ مسئلن جو شڪار ٿيندو، پاڪستان علماءُ ڪائونسل ملڪ ۾ هر  طرح جي تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، مدينه منوره وانگر رياست ڪردار سازي سان ممڪن ٿيندي، پاڪستان علماءُ ڪائونسل سعودي عرب جي حڪومت طرفان 2023ع ۾ مڪمل حج جي معاملن کي بحال ڪرڻ جي آجيان ڪري ٿي ۽ شڪريو ادا ڪري ٿي. اها ڳالهه پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ فضائل سيدنا صديق اڪبر ڪانفرنس کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.