پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي اٽو بليڪ تي وڪرو، شهري سراپا احتجاج، ريلي، ڌرڻو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ اٽو بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهنڪري اٽي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي جڏهن ته اٽو بليڪ تي ۽ مهانگو وڪرو ڪرڻ خلاف سوين شهرين محب علي چوڪ کان ريلي ڪڍي پراڻو بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيون. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻ سيد هارون شاھ، سيد ابوبڪر شاھ، ديوان رڪي، فراز قاضي، سراج مڱڻيجو، بشير ڀنڊ، شمس لاڙڪ،۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ سميت پيرڳوٺ ۾ به اٽو مهانگو ٿي ويو آهي 160 روپيه في ڪلو بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي پر انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا آهن. غريب پورهيت طبقو سخت پريشان ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ڪنگري تعلقي جي ڪنهن به تعلقي ۾ سستي اگهه تي اٽو ڏيڻ جا اسٽال نه لڳايا ويا آهن جيڪو ڪنگري تعلقي جي عوام سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، خوراڪ کاتي جي اختيارين کان گهر ڪئي ته پيرڳوٺ سميت ڪنگري تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.