ملير ۾ مڪاني چونڊن لاٰءِ ضلعي کي ٽن ٽائونز ۾ ورهايو ويو

ملير(رپورٽ جميل چانڊيو) 15 جنوري تي مڪاني ادارن جي ٿيندڙ چونڊن جون تياريون مڪمل، ڪراچي جي ضلعي ملير کي ٽن ٽائونن  ۾ ورهايو ويو آهي، ملير ٽائون، گڏاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون، گڏاپ ٽائون ۾ 9 يونين ڪميٽيون، ملير ٽائون ۾ 10 ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي 11 يونين ڪميٽن تي مشتمل آهن، ڪل 120 وارڊ ملير ضلعي جي ٽن ٽائونن جي آبادي 18 لک 66 هزار 98، ڪل ووٽن جو تعداد 7 لک 43 هزار 206 آهي، چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي عهدن تي 448 اميدوار جڏهن ڪائونسلر اميدوارن 814 ڪل پولنگ اسٽيشن جي تعداد 509، ڪل پولنگ بوٿ 1874 آهن.جڏهن ته ضلعي ملير جي ٽن ٽائونن ۾ حساس پولنگ اسٽيشن 374 ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن 119 آهن جڏهن ته اندروني سنڌ جي 10 کان وڌيڪ ضلعن کان پوليس جي نفري پهچي چڪي آهي، 3 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار چونڊ واري ڏينهن پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.  جڏهن ته پاڪستان رينجرز جا جوان ٻانهن ٻيلي هوندا، ضلعي ملير جي ٽن ٽائونن تي پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ن ليگ، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم پاڪستان، ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ آزاد اميدوار ميدان تي لٿل آهن، چونڊن ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي جو اڳوڻو چيئرمين سلمان عبدالله مراد، گڏاپ ٽائون مان چونڊ اميدوار آهي جڏهن ته اڳوڻو چيئرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ ملير ٽائون مان چونڊ وڙهي رهيو آهي، اڳوڻو ٽائون ناظم جان عالم ڄاموٽ ابراهيم حيدري ٽائون تان چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو آهي، پي پي اڳواڻ نذير ڀٽو، پي پي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپور سميت ڪيتريون ئي شخصيتون پڻ چونڊ وڙهڻ ۾ ميدان تي لٿل آهن، جلسن ۽ ريلين جو سلسلو ۽ در در تي وڃي اميدوارن ووٽرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن.

  • زرعي يونيورسٽي جي ملڪيت ٽين ڌر کي الاٽ ڪرڻ  وارو نوٽيفڪيشنز چيلينج

ٽنڊوڄام (ن ع آ  ) سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران پنهنجي قانوني صلاحڪار جي ذريعي پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ يونيورسٽي پاران ٽنڊوڄام شهر ۾ سروي نمبر 336 ۽ 340 کي يونيورسٽي جي ملڪيت ڄاڻائيندي سنڌ ڪچي آبادي کاتي پاران انهن سروي نمبرن کي ٽين ڌر کي الاٽ ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل ٻن نوٽيفڪيشنز کي چيلينج ڪيو ۽ اهڙي عمل کي غيرقاني قرار ڏنو، پٽيشن ۾ يونيورسٽي پاران سنڌ حڪومت، سيڪريٽري روينيو، ايڊمنسٽريٽر ايڇ ايم سي، سيڪريٽري هيومن سيٽلمينٽ، ڊائريڪتر جنرل ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪچي آبادي، ڪمشنر ۽  ڊي سي حيدرآباد،  اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار تعلقو حيدرآباد ٻهراڙي کي ڌر ڄاڻايو ويو هو، معزز عدالت پاران اهڙي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪندي، ان نوٽيفڪيشن  جي بنياد تي انهن سروي نمبر ۾ ڪنهن به قسم جي الاٽ مينٽ کان روڪي ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.