گوگل ميپس لاءِ به انڪوگنيٽو موڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

گوگل پنهنجي مشهور ترين سروس ميپس لاءِ انڪوگنيٽو موڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

گوگل طرفان ميپس جي پريويو گروپ لاءِ انڪوگنيٽو موڊ جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي، يعني عام واهپيدار کي به ان لاءِ گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو.

اهو فيچر گوگل طرفان هلندڙ سال ڊويلپر ڪانفرنس دوران ڪيل واعدي واري پرائيويسي ٽولز مان هڪ آهي جيڪو واهپيدارن جي ڊيٽا کي تحفظ فراهم ڪندو.

حقيقت ۾ گوگل ته سرچ لاءِ به انڪوگنيٽو موڊ متعارف ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ڪيو آهي پر اڃا ان تي عمل ناهي ٿيو.

گوگل ميپس ۾ انڪوگنيٽو موڊ جي استعمال تي جڏهن واهپيدار کي ڪنهن لوڪيشن يا ڊائريڪشن کي سرچ ڪندو ته اها ڊيٽا ان جي گوگل اڪائونٽ ۾ محفوظ نه ٿيندو.

گوگل کي لوڪيشن ٽريڪنگ اسڪينڊل سان به منهن ڏيڻو پيو هو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته گوگل طرفان واهپيدارن کي ٽريڪنگ روڪڻ جي سهولت ان شڪل ۾ ڏني پئي وڃي.

جيڪو گروپ ان فيچر کي ٽيسٽ ڪري رهيو آهي ان کي هڪ اي ملي هئي جنهن ۾ لکيل هو هن وقت انڪوگنيٽو استعمال ڪيو جيڪڏهن  اوهان پنهنجي سرگرمين کي پنهنجي گوگل اڪائونٽ ۾ محفوظ نه ڪرڻ چاهيندا هجو ته .

واضح رهي ته انڪوگنيٽو موڊ کي ڪروم کان پوءِ گذريل سال يوٽيوب ۾ به متعارف ڪرايو ويو هو.

گوگل ميپس ۾ ان موڊ تي منتقل ٿيندڙ سمارٽ فون ۾ کاٻي پاسي موجود پروفائيل موٽو تي ڪلڪ ڪري ٽرن آن انڪوگنيٽو موڊ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۾ اهو فيچر اڳ کان ئي ڪروم سبب موجود آهي ۽ جڏهن ڪروم ۾ انڪوگنيٽو موڊ تي برائوز ڪندا آهيون ته پرائيويسي سيٽنگ پاڻ مرادي طور تي ميپس تي لاڳو ٿي ويندي آهي.

انيڊرائيڊ پوليس موجب ان فيچر جي آزمائش اينڊرائيڊ آٽو ۾ به ڪئي پئي وڃي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.