غلام الله ويجهو پيءُ جي ڌيءُ سان زيادتي، جوابدار گرفتار

غلام الله ( رپورٽ : پيرل پياسي ) غلام الله ڀرسان ڳوٺ مبارڪ چانڊيو ۾وحشي پيءُ حسين چانڊيو پنھنجي نياڻي 20 ورهين جي (م) سان زيادتي ڪئي والد هٿان زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي پنھنجي والده سان گڏ غلام الله ٿاڻي تي پھچي زيادتيون جون دانھون ڪيون، زيادتي جو شڪار بڻيل ڪنواري نياڻي (م) چانڊيو جي فرياد تي جوابدار پيءُ حسين چانڊيو خلاف ساڪرو ٿاڻي تي زوري زنا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. غلام الله پوليس جي انچارج ارشد علي منگي رستم اوٺار پوليس اٽالو ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڇاپو هڻي جوابدار حسين چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي. گرفتار جوابدار کي رمانڊ لاءِ گهارو ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڇهن ڏينھن جي رمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي. گرفتار جوابدار جو سول اسپتال مڪلي تان ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو آھي زيادتي جو شڪار بڻيل (م) چانڊيو ۽ سندس والده (ب) چانڊيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آھي ته جوابدار وڏو ظلم ڪيو آھي زيادتي جو شڪار بڻيل نياڻي مينا روئندي ٻڌايو ته منھنجو ظالم پيءُ ٻن سالن کان زيادتي ڪندو پيو اچي مونکي چوندو هو ته ڪنھن سان ڳالهھ ڪندي ته قتل ڪري ڇڏيندس آئون ڪنھن سان ڊپ ۾ ڳالھه نه ڪندي هئيس آخر ڪار آئون حمل سان ٿي پيس منھنجي ڇهن مهينن جي ٻار کي ضايع ڪرايو ويو. هوڏانھن غلام الله پوليس جي انچارج ارشد منگي رستم اوٺار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي متاثر نياڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي متاثر نياڻي سان انصاف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.