سي پيڪ تي چين کي خاطريون، ڪاش 500 ڪرپٽ ماڻهو جيل اماڻيان: وزيراعظم

بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي خواهش هئي ته آئون چيني صدر شي جن پنگ جي مثال تي عمل ڪري سگھان ها ۽ پاڪستان ۾ 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل ۾ وجهان ها،بيجنگ ۾ عالمي واپار جي هٿي لاءِ  قائم ڪيل چائنا ڪائونسل ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعي تي رٿيل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي عمران خان چين جي 70 هين قومي ڏينهن تي اتان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪئي،هن چيو ته صدر شي جن پنگ ڪرپشن خلاف سخت مهم هلائي رهيو آهي ۽ هي ان جو نتيجو آهي جو چين ڪرپشن ۾ ملوث 400 ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو، ڪاش مان به چيني صدر جي تقليد ڪندي 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهان، ڇو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه اچڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت وزيراعظم چيو ته انهن منصوبن ۾ ڪيترين ئي وزارتن جي عمل دخل سبب سي پيڪ اٿارٽي به ٺاهي وئي ، ان کان علاوه گوادر اسمارٽ پورٽ سٽي منصوبي کي بهتر بڻايو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جي سڀ کان وڏي جنگ ڪرپشن خلاف آهي، گذريل 5 ورهين ۾ اخبارن ۾ پڙهيو ته هڪ چيني ميئر جي گھر مان ڪيترائي ٽن سون هٿ آيو ۽ 5 ڏينهن ۾ ان کي سزا ڏني وئي،وزيراعظم عمران خان چيو ته نه رڳو پاڪستان پر ٻين ترقي پذير ملڪن کي ان مان جيڪا شئي  سکڻ جي ضرورت آهي اُها آهي ته ڪرپشن سيڙپڪاري کي روڪي ڇڏي ٿي، ڪرپشن ملڪ ۾ ايندڙ سيڙپڪاري ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي،هن چيو ته  هاڻي اسان سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي آهي ڇو جو اسان سي پيڪ منصوبن ۾ مسئلا هئا جنهن سبب ان جو مختلف وزارتن تحت ٿيڻو هو،هن وڌيڪ چيو ته هاڻ اسان فيصلو ڪيو آهي ته هڪ اٿارٽي هوندي جيڪا سي پيڪ جي سمورن مسئلن کي حل ڪندي ۽ اها اٿارٽي وزيراعظم آفيس ۾ هوندي ته جيئن منهنجي آفيس پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ سولايون پيدا ڪري سگھي، هن چيو ته وزيراعظم آفيس مان  اسان ملڪ ۾ وڏن سيڙپڪارن سان معاملا طئي ڪنداسين  ۽ سي پيڪ به وزيراعظم آفيس کان ئي ٻيهر ڏٺو ويندو خطاب کان پوءِ وزيراعظم بيجنگ ۾ گريٽ هال آف پيپل جو دورو ڪيو، جتي  سندس آجيان   چيني هم منصب ڪئي، ريڊيو پاڪستان موجب گريٽ هال ۾ آمد جي موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو  جڏهن ته افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪ جا ترانا وڄايا ويا،ان موقعي تي چيني وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ موجود پاڪستاني وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.هوڏانهن چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وزيراعظم ملاقات ڪئي، چين  پاڪستان جي قومي مفادن ۾ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، ٻنهي وزيراعظمن گڏيل اقتصادي شراڪتداري جي مضبوطي تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سماجي اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي مختلف معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته وزيراعظم چين جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.