امن چاهيون ٿا پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪيو ويندو: آرمي چيف

بيجنگ(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر قوم جي وقار ۽ اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف پيپلز لبريشن آرمي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو،آرمي چيف پي ايل اي جي ڪمانڊر آرمي جنرل هان ويگو ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪشمير ۾ جاري صورتحال جي امڪاني نتيجن کان آگاهه ڪندي چيو ته ڀارت کي يواين جي قراردادن جو احترام ڪندي . ڪشمير ۾ انساني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، چين جي فوجي قيادت ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ساراهيو، آرمي چيف چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر قوم جي وقار ۽ اصولن تي سمجهوتي تي نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.