ٽيڪسن ۾ ساليانو 2000ارب واڌ جو شرط، نااهلي سبب پاڪستان جا قرض وڌيا : آءِ ايم ايف

واشنگٽن ( م ڊ  ) آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ اعلانيل 6 ارب ڊالر جي قرض پروگرام سان لاڳو شرطن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان هر سال 1500 کان 2000 ارب ٽيڪسن جي مد ۾ آمدني وڌائيندو، پاڪستان ۾ ڪرنسي جي شرح مٽاسٽا وارو مارڪيٽ طئه ڪندي، اسٽيٽ بئنڪ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح ۾ مداخلت نه ڪندي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي تي ضابطو آندو ويندو. توانائي جي شعبي بابت آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا ويندا ۽ گردشي قرضن جو خاتمو آندو ويندو، رهتن  جي اوڳاڙي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ سياسي مداخلت نه ڪئي ويندي. مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪي ويندي.  آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيڪس نظام ۾ خاميون آهن، سرڪاري ادارن ۾ نااهلي ۽  ناقص پاليسين سبب قرضن ۾ واڌ ٿي.

اسلام آباد ( م ڊ  ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم تحت هڪ لک 37 هزار ماڻهن کان 70 ارب رپيه اوڳاڙيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته  آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پئڪيج سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، آءِ ايم ايف بورڊ جي ڪنهن ميمبر پاڪستان لاءِ امداد جي مخالفت  نه ڪئي آهي. هن چيو ته پروگرام جي منظوري ڏئي پاڪستان جي پاليسين تي ڀاڙيو ويو، پروگرام جي منظوري کانپوءِ ٻيا مالياتي ادارا به پاڪستان کي فنڊ ڏيندا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 3 ڏهائي 2 ارب ڊالر پاڪستان کي اضافي ڏيڻ جو سوچي رهي آهي،  عالمي مالياتي بئنڪ به پاڪستان کي اضافي رقم ڏيندي. سندس چوڻ هو ته اي ڊي بي ۽ عالمي بئنڪ جا فنڊ بجٽري سپورٽ لاءِ  به هوندا، قرض پروگرام تي آءِ ايم ايف به پريس ڪانفرنس ڪندي، ملڪ مشڪل دور ۾ مليو، ملڪي قرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، قرض واپس ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.  ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته دوست ملڪن کان ڊپازٽس حاصل ڪيا آهن، آءِ ڊي جي بي ۽ سعودي عرب دير ادائيگين تي تيل فراهم ڪندا، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري مان ظاهر آهي ته نئين پاڪستاني قيادت اعتماد ڪيو ويو آهي، اسان کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ سان گڏ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن.  هن چيو ته امير کان ٽيڪس وٺڻو آهي ۽ ڪمزور طبقي جو دفاع ڪرڻ آهي، عورتن جي ڀلائي لاءِ فنڊ ۾ 100 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڪاروباري سيڪٽر کي سهولتون ڏنيون ويون آهن.

You might also like