ٽنڊي غلام علي ۾ناري بليڪ ميل ڪرڻ تان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊ غلام علي (ن ع آ)ٽنڊي غلام علي وارڊ 5 ميگھواڙ پاڙي ۾ انٽر جي شاگردياڻي 18 ورهين جي شاگردياڻي انيلا ڌيءُ ڊاڪٽر لکمڻ پرمار فيس بڪ واٽس اپ ٿي بليڪ ميل ڪندڙ نوجوانن کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، ناري جي سئوٽ گيان چند ۽ وجي پرمار صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ جو فيس بڪ تي کٿڙ جي رھندڙ نوجوان سوم ميگھواڙ سان فون تي رابطو ٿيو، جنھن ڀيڻ جا فوٽو ڪڍي واٽس اپ تي انھن کي ايڊٽ ڪري پاڻ سان گڏ ويھاري ٻيھر واٽس اپ ذريعي ڀيڻ ڏانھن موڪلي ان کي بليڪ ميل ڪندا ھئا ۽ ھر مھيني 50  ھزار ڀيڻ کان فوٽو ڊليٽ ڪرڻ جا وٺندو ھو، ھنن چيو ته اسانجي ڀيڻ جو اڏيرو لعل ۾ ميھش ميگھواڙ سان مڱڻي ڪرائي ته ان جو بليڪ ميلر فون نمبر ھٿ ڪري منھنجي ڀيڻ جا فوٽو پاڻ سان گڏ کڻي اتان کان مڱڻي ٽوڙائي، جنهن تان  تنگ ٿي اسانجي ڀيڻ زھريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي، ناري جي پيءُ ڊاڪٽر لکمڻ ايس ايس پي بدين کي بليڪ ميلرن خلاف درخواست ڏني جنھن ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار  ڪري سندن خلاف سائبر ڪرائم جو ڪيس داخل ڪيو وڃي جنھن تي ٽنڊوغلام علي پوليس کٿڙ ۽ ٽنڊوالھيار ۾  جوابدارن جي گھرن تي ڇاپا ھنيا ليڪن جوابدار فرار ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.