قومي اسيمبلي جو اجلاس، شهباز شريف جي تقرير ۽ ميمبرن جون رڙيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي احتجاج ۽ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي هنگامي جي ڪري اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ايوان جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر طرفان آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ويو.

ان دوران بلوچستنا نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي صدر سردار اختر مينگل به مخالف ڌر جي احتجاج ۾ سيٽ تي بيهي رهيو.

اسد قيصر مخالف ڌر کي بجيٽ تقرير جو آغاز ڪرڻ تي اصرار ڪيو پر شهباز شريف ايوان ۾ خاموشي نه ٿيڻ جي ڪري تقرير شروع نه ڪئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ڳالهه جو آغاز نه ڪندا ته سيشن ڪيئن شروع ٿيندو جنهن تي شهباز شريف چيو ته منهنجي اپيل آهي ته هي بجيٽ سيشن آهي، سمورين چونڊيل نمائندن جو استحقاق آهي ته هو پنهنجا مطالبا پيش ڪن.

هن بنا دير پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق سميت ٻين ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

هن چيو ته اسيمبلي هلائڻ رڳو اسپيڪر جو ڪم ناهي حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي ذميواري آهي پنهنجي ذميواري کي سمجهن.

بجيٽ تي شهباز شريف جي تقرير کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف پنهنجي خيالن جي اظهار جي اجازت طلب ڪئي ۽ اپيل تي اسپيڪر کيس رڳو هڪ منٽ تائين ڳالهائڻ جي اجازت ڏني.

راجا پرويز اشرف:

راجا پرويز اشرف اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ايوان جو رول 108 ان ڳالهه جي تقاضا ٿو ڪري ته ايوان جو جيڪو به ميمبر ڪنهن به سبب سان موجود نه هجي ته اسپيڪر کي لازمي طور تي ان جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻا آهن.

هن چيو ته رول 108 جي تحت اسپيڪر کي آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻا آهن، جيڪڏهن توهان ائين ڪرڻ کان قاصر آهيو ته توهان جو رويو جانبداراڻو آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان سان هڪ جهڙو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي سان غير منصفاڻو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

شهباز شريف:

راجا پرويز اشرف جي خيالن جي اظهار کان پوءِ شهباز شريف بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪندي چيو ته هي عوام دشمن بجيٽ آهي، ڪا به بجيٽ عوام جي ضرورتن ۽ ترجيحن کي نظر ۾ رکي بڻائي ويندي آهي.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم قوم کي خطاب ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون، هن مديني واري رياست جو ذڪر به ڪيو.

شهباز شريف چيو ته مديني واري رياست ۾ اُهو وقت به آيو هو جڏهن مديني ۾ ڪير زڪوات وٺڻ لاءِ تيار نه هو، خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ حضرت عمر فاروق رضه پاڻ ضرورتمندن جي مدد ڪندا هئا.

سندس چوڻ هو ته مديني واري رياست ۾ ڪوڙ جي ڪا به گنجائش ناهي هوندي.

شهباز شريف چيو ته اسان جي حڪومت 4 قومي خدمتون انجام ڏنيون، لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي، معاشي ترقي ڪئي، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ انقلاب آندو.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته 20-20 ڪلاڪ بجلي نه ايندي هئي ۽ مشرف جي دور جو وڏو چيلينج نواز شريف ۽ سندس ٽيم پورو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته لوڊ شيڊنگ کان پوءِ اسان ملڪي معيشت تي ڌيان ڏنو جنهن جو اُن وقت حال ڪجهه سٺو نه هو، اسان پي ٽي آءِ جي سازشن، ڌرڻن، پارليامينٽ جي ڌمڪين جي باوجود اسان ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ اسان معاشي ترقي کي 3 کان وڌائي 5.8 تائين کڻي آياسين.

هن چيو ته مهانگائي جي ڪري پي ٽي آءِ عوام کي قتل ڪيو، لکين ماڻهو بک ۾ مري رهيا آهن، اسان مهانگائي جي شرح کي 12 سيڪڙو کان 3 سيڪڙو تائين کڻي آياسين.

شهباز شريف چيو ته ان کان سواءِ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ اسان انقلاب کڻي آياسين ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آندو.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته هن ملڪ ۾ دهشتگردي ديرا ڄمائي رکيا هئا، پاڪستان کي دنيا ۾ خطرناڪ ملڪ تصور ڪيو ويندو هو.

شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف نواز شريف سياسي فيصلو ڪيو ۽ پاڪستاني فوج ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي پاڪستان ۾ امن بهال ڪيو ۽ دهشتگردي کي ختم ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جيڪي قربانيون ڏنيون هي قوم ان کي سنهري لفظن ۾ ياد رکندي.

شهباز شريف جي تقرير دوران قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن طرفان هنگامو شروع ڪيو ويو ته اسيمبلي جو اسپيڪر ميمبرن خاموش رهڻ جي هدايت ڪندو رهيو.

اسد قيصر اسيمبلي ميمبرن کي ويڊيو نه بڻائڻ ۽ خاموش رهڻ جي هدايت ڪندو رهيو، هن هر هر اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تنبيهه به ڪئي.

پر حڪومتي ۽ مخالف ڌ ميمبرن طرفان مسلسل احتجاج ۽ هنگامي جي ڪري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like