آغا سراج دراني خلاف نيب ريفرنس جي منظوري، غلام قادر پليجي ۽ عبدالستار ڏيري خلاف انڪوائريون ختم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال آغا سراج دراني خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جوابدار تي قومي ناڻي کي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظور ڏني وئي، آغا سراج ۽ ٻين جوابدارن تي اختيار اورانگهڻ ۽ غيرقانوني ملڪيت ٺاهڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي هڪ ارب 60 ڪروڙ جو نقصان پهتو. نيب پڌرائي موجب سينيٽر روبينا خالد ۽ مظهر الاسلام خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته اڪرم دراني، شيراعظم، علي غلام نظاماڻي سميت 12 انڪوائرين جي به منظور ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فاٽا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر تعليم فضل المنان خلاف به ريفرنس جي منظور ڏني، جوابدار تي استادن جي جعلي ڀرتين جو الزام آهي. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، ڪيسن کي  قانون موجب انجام تائين پهچايو پيو وڃي.جڏهن ته وفاقي وزير خسرو بختيار خلاف انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ بدلائڻ جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو، غلام قادر پليجي، عبدالستار ڏيري ۽ ٻين خلاف انڪوائريون ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like