رپورٽ: ميروخان: سونھاروشاخ ۽ ڀٽا شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ميروخان: سونھاروشاخ ۽ ڀٽا شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ميروخان: سونھاروشاخ ۽ ڀٽا شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ميروخان ويجهو  سجاول جوڻيجو جي سونھارو شاخ ۽ ڀٽا شاخ ۾ پاڻيء جي کوٽ خلاف آبادگار ۽ ڪڙيم سراپا احتجاج بڻجي ويا، آبادگارن ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

آبادگارن نورنبي ڀٽي، وسيم جلباڻي، اڪبر بروهي، محمد مٺل جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هو سارين جو ٻيجارو به پوکي نه سگهيا آهن جيڪو سندن ٿورو گهڻو فصل پوکيل هو اهو به سڙي ويو آهي.

آبادگارن الزام مڙهيو  ته چيف انجنيئر رائيٽ بئنڪ بئنڪ لاڙڪاڻو رفيق احمد ديدڙ سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪي بي ايڇ وٽان بلوچستان کي پئسن عيوض وڪرو ڪري رھيو آھي

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي کين زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جئين سندن کيت ساوا ٿين ۽ علائقي م خوشحالي اچي …..

You might also like