وزيراعظم پنهنجي ماڻهن کي لغام ڏئي… وسيم اختر ڪاوڙجي پيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر آبي وسيلن جي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ان گائيڊڊ ميزائل قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته مزار جا انتظام سٺا آهن، ايندڙ سال انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين.

فيصل واوڊا بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ميئر چيو ته وفاقي وزير ان گائيڊڊ ميزائل آهي، مون وٽ ان جي بي وقوفي جو جواب ناهي، وزيراعظم کيس ڪنٽرول ڪري.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ايم ڪيو ايم جي ووٽن سان وزيراعظم بڻيو، جيڪڏهن وفاقي وزيرن کي لغام نه ڏنو ويو ته اسان کي به گڏ رهڻ بابت سوچڻو پوندو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ مکين ۽ مڇرن جي خاتمي لاءِ فيوميگيشن جو سلسلو شروع ڪنداسين، مون وٽ ته دوا به موجود ناهي، اها به ڪنهن ٻئي ڏني آهي.

You might also like