گوگل” ڊُو او“  گروپ ويڊيو ڪال جي شروعات ڪري ڇڏي

انڊونيشيا ( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي ويڊيو ڪالنگ ايپ “ ڊو او “ ڪجهه ملڪن ۾ گروپ ويڊيو ڪال شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان کان اڳ گذريل سال ڊسمبر ۾ گوگل اعلان ڪيو هو تمام جلد گوگل جي ايپ ڊو او Due  تي ويڊيو گروپ ڪال جي سهولت پيش ڪندو جنهن جي شروعات ڪيئي ملڪن ۾ ٿي چڪي آهي.  ان کان اڳ گوگل جنوري ۾ فيس ٽائيم تي نظر ايندڙ ٽيڪنيڪل مسئلي کي نظر ۾ رکندي ان جو اشارو ڏنو هو.

گوگل ڊو او ايپ جي سربراهه جسٽن يوبرٽي چيو هو ته هاڻ به گروپ ڪال جي اهميت آهي جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ان کانپوءِ تجريه نگارن چيو هوته گوگل ان کي ضرور پيش ڪندو ۽ هاڻ اها منظرعام تي اچي چڪي آهي. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کي انڊونيشيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

پر جسٽس يوبرٽي چيو آهي ته پهريان اها چونڊيل ملڪن ۾ ئي پيش ڪئي ويندي جن جا نالا نه ٻڌايا ويا هئا. انڊونيشيا  جي واهپيدارن چيو آهي ته هو ڊو او ايپ جي ويڊيو ڪال ۾ هڪ وقت ۾ چئن ڄڻن سان ڳالهائي سگهن ٿا. اهڙي ريت گروپ ڪال وارو واعدو پرو ٿي ويو آهي.

گوگل وڌيڪ چيو آهي ته جلد اها سروس سڄي دنيا ۾ بنهه مفت فرام ڪئي ويندي.

You might also like