سج جي روشتي تي چارج ٿيندڙ انقلابي موبائل فون

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ته تقريبن سڀني  ماڻهن وٽ هوندي آهي پر ان جي چارجنگ وڏو مسئلو آهي ڇو جو عام طور تي روز هڪ کان 2 ڀيرا انهن کي چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي.

پر اهڙو فون تصور ڪيو، جنهن کي چارج ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ڇو جو اها سج جي روشني سان پاڻ مرادو چارج ٿيندوي هجي ته پوءِ؟

حقيقت ۾ چيني ڪمپني شيائومي اهڙو  ئي ماحولد ودست سمارٽ فون جو ڊيزائين پيٽنٽ ڪرايو آهي جيڪو هڪ سولر پينل جي مدد سان پاڻ کي چارج ڪندو.

هڪ عالمي ٽيڪنولوجي رپورٽ موجب سيائومي جي ڊيزائين پينٽنٽ ۾ فون جي پٺيان سولر پينل لڳل آهي.

اهو پيٽنٽ ڪمپني طرفان گذريل ڏينهن ورلڊ ايليڪچوئل پراپرٽي آفيس ۾ جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ مختلف خاڪن ۾ هڪ آل اسڪرين فون کي ڏيکاريو ويو آحي جنهن جي پٺيان واري ڪور تي سولر پينل موجود آهي.

اهو واضح ناهي ته فرنٽ تي سيلفي ڪيمرا ڏني ويندي يا نه ڇو جو خاڪن ۾ فرنٽ تي رڳو اسڪرين ئي آهي جڏهن ته ڪنهن به قسم جي ليڪ يا سوراخ جو اشارو ناهي ڏنو ويو.

فون جي بيڪ تي  ڊوئل ڪيمرا سيٽ نظر اچي ريو آهي.

ان فون جي پيٽنٽ ڊيزائين جو خاڪو اوهان هيٺ ڏسي سگھو ٿا.

اهو ته واضح ناهي ته شيائومي طرفان ان فون کي ڪڏهن متعفارف ڪرايو ويندو، پر ماضي ۾ اهڙيون ڪوششون ٻيون ڪمپنيون به ڪري چڪيون آهن.

ايل جي ۽ سام سنگ ڪجهه سال اڳ ائين ڪيو هو ۽ سام سنگ طرفان سي اي 1107 ۽ بليو ارٿ ايس 7550 متعارف ڪرايا هئا جن جي 1080 ايام اي ايڇ بيٽري ۾ سولر پينل موجود هو جيڪو سج جي روشني ۾ هڪ رهڻ تي 10 منٽن تائين ڪال جي سهولت فراهم ڪنديون هيون.

ايل جا آپشنل سولر بيٽري ڪور بيڪ 2010ع ۾ پيش ڪيا ويا هئا جيڪي سج جي روشني ۾ 10 منٽن تائين رهڻ تي 2 منٽن تائين ڪال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندا هئا.

You might also like