نصيرآباد ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو.

ڳوٺ جاني لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي لاڙڪاڻي کان ايندڙ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جاني بند جو رھواسي 17سالن جو نوجوان علي مراد پٽ عبدالغني ڏيرو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر نصيرآباد پهچايو ويو، جنهن کانپوءِ اهو وارثن حوالي ڪيو ويو.

You might also like