اٽي اگهه ۾ واڌ خلاف پٽيشن، سيڪريٽري خوراڪ عدالت طلب

سکر(رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ شهريء پاران اٽي جي بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ خلاف داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي. پٽيشن جي  ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ڊبل بئنچ ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري فوڊ، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 جنوري تي تي مقرر ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي خوراڪ کاتي جا آفيسر پيش نه ٿيا ته چيف سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.