اهم مقرري واري معاملي تي صدر سان رابطي ۾ آهيان: عمران خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اهم مقرري جي سمري بابت صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مون سان مشورو ڪندو.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته صدر عارف علوي مون سان رابطي ۾ آهي.

هن چيو ته اهم مقرري واري سمري بابت صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مقرري واري سمري تي مون سان مشورو ڪندو.

سندس چوڻ هو ته اهم مقرري تي وزيرعظم هڪ روپوش کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ وڃي ٿو، مان ته پنهنجي پارٽي جي سربراهه آهيان ته صدر مون سان ضرور رابطو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.