آرمي چيف خاندان بابت ڊيٽا ليڪ جو معاملو انجام تائين پهچائينداسين: اسحاق ڊار

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اهي ناڻي ذخيرا ڪيترو ڇڏي ويا؟ پاڪستان کي بدنام نه ڪن، 5 ڊسمبر تائين انتظار ڪن، ڊيفالٽ جون ڳالهيون پيا ڪن، نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو، ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو ناهي، پي ٽي آءِ وارن جي تقريرن سبب اسان کي عالمي ادارن پاران فون اچن ٿا ته ڇا اهي ڳالهيون صحيح آهن، ڊالر جو اصل اگهه 200 رپين کان گهٽ آهي، ڊالر جو اصل قدر 190 رپين جي ويجهو هئڻ گهرجي،سياسي غيريقيني،لانگ مارچ سبب ڊالر هيٺ نه پيو اچي، مالياتي مارڪيٽ اعتماد سان هلندي آهي، معيشت تي خدا جي واسطي سياست نه ڪئي وڃي، ڌرڻا ڀلي هنيا وڃن، معيشت سان مذاق نه ڪيو وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ته قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، روينيو هدف ۽ 10 هزار ارب گهٽائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، عمران جي گورنننس ۽ پاليسيون ٺيڪ نه هيون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ تي عوام کي رليف ڏيڻ واري سوال تي اسحاق ڊار چيو ته اسان ڊيزل ۽ گاسليٽ جا اگهه 10 رپيا گهٽايا،اسان هڪ ڀيرو به قيمت نه وڌائي، هن 30 تاريخ تي اگهه گهٽ نه ٿيندو، ايندڙ وقت ۾ اهو ٽرينڊ رهيو ته تيل جا اگهه گهٽائينداسين، روس ڀارت کي تيل جي اگهه ۾ خاص رليف ڏنو آهي، اسان کي روس کان گهٽ اگهه تي تيل مليو ته وٺنداسين، هن چيو ته مون صدر سان معيشت جي معاملي تي ملاقات ڪئي، هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي انڪم ٽيڪس ريٽرنز ليڪ ٿيڻ غيرقانوني هئا،اڄ رات تائين حتمي رپورٽ ملي ويندي، اسان ڪجه ماڻهن تائين پهچي چڪا آهيون، ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.