شادي پلي ويجهو نوجوان جو پُراسرار موت، قتل جو شڪ

شادي پلي ( ن ع آ) شادي پلي ويجهو نوجوان پراسرار نموني فوت ٿي ويو. وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏي. شادي پلي ٿاڻي جي  حد ڳوٺ عمر هاليپوٽو واسي 30 ورهين جي ڌڻي بخش ولد غلام حسين هاليپوٽو پراسرار نموني فوت ٿي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس سر زمين تي پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، پٿوري اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن نوجوان کي گهٽا ڏئي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. وارثن موجب ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي، نوجوان جي هفتي کانپوءِ شادي رٿيل هئي. خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.