ڪڪڙ واسي سڙي زخمي ٿيل شاگرد ڪراچي اسپتال ۾ فوت

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ جي ڪاڇي جي علائقي ڳوٺ مريد ٻٻر واسي نوجوان 25 ورھين جو ذيشان ولد نياز حسين ٻٻر پاران 5 ڏينھن اڳ ڄامشورو  ۾ گھرو اڻبڻت سبب مبينا طور آپگھات دوران گھر اندر پاڻ مٿان پئٽرول ھاري باھ ڏيڻ دوران سڙي زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زخمن جا تاب ن سھندي فوت ٿي ويو خبر پوڻ دوران گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي اندر ڏک جي لھر ڇانيل رھي ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان ذيشان ٻٻر اصل ڳوٺ مريد ٻٻر جو رھواسي ھو جيڪو ڳوٺ ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ دوران دادو کان بعد لڏو ڄامشورو کڻي ويا ھئا ذريعن موجب والدين طرفان گھمڻ کان پٽ کي سخت منع ڪئي ھئي کين دڙڪا ڏنا جن تي ڪاوڙجي اھڙو قدم کنيو ويو فوتي شاگرد غيرشادي شده ھو سندس والد زميندار ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.