صحت جي انوکي فائدن ۽ سون مُلهي فصل وارو گُل اِجهو اڻلڀ ٿي ويو!

ڌرتي تي موجود ڪيترين ئي ٻوٽن ۾ قدرتي طور اهڙا فائدا هوندا آهن جن جي باري ۾ اڪثر ماڻهن کي خبر ناهي هوندي پر حڪمت جي دنيا اهڙي نسخن سان ڀري پئي آهي جيڪي انسان جي صحت لاءِ جادوئي اثر رکندا آهن. جڏهن ته اهي عام استعمال واري شين مان ئي ٺاهي تيار ڪيا ويندا آهن.

اڄڪلهه جي نفسا نفسي واري دور ۾ ماڻهو جو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي اعتبار ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي، ان سان گڏ هر فن مولا واري ڪرت جي ڪري سڀڪو ٻين کان پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي. ڏٺو وڃي ته مهانگائي ۽ عام بنيادي مسئلن جي اڻپورائي جي ڪري ماڻهو پئسي ڪمائڻ واري تڪڙي ۽ سولي ڪمن ۾ لڳي وڃن ٿا جنهن جي ڪري انهن جو مقصد رڳو پاڻ کي شاهوڪار بڻائڻ هوندو آهي نه ڪي ڪنهن ٻئي ماڻهو جي خير خواهي. جنهن جي ڪري جعلسازي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.

پر رڳو ائين به ناهي، ڪيترين ئي جاين تي اهڙا خدا جا ٻانها به موجود آهن جيڪي نه رڳو انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر اهي پنهنجي پورهئي يا اڻ ملهي نسخن جو ناڻو وٺڻ به حرام سمجهندا آهن.

پوءِ به جعلسازي جي ڪري اصل شين جو ملڻ ٿورو گهڻو ڏکيو ضرور بڻجي ويو آهي جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ اعتماد يا ڀروسي واري سوچ گهٽبي پئي وڃي.

زعفران

اڄ اسان جنهن ٻوٽي جي ڳالهه ڪنداسين ان بابت به اهڙو ئي ڪجهه آهي. ان جا انسان جي صحت لاءِ تمام گهڻا فائدا آهن پر اهو سون جيترو مهانگو به آهي، اها ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي پر ان جي ڪوائلٽي جي حوالي سان به ماڻهو گهڻو پريشان هوندا آهن.

دل، گردن، مثاني ۽ هڏن جا فائدا

زعفران جي چانهه گردن ۽ مثاني سميت جگر کي وڏي طاقت ڏيندي آهي. اهو دل جي صحت لاءِ تمام بهترين آهي، زعفران کائڻ سان ماڻهو پنهنجي دماغ کي به طاقتور، ڦڙت چست ۽ چوبند بڻائي سگهي ٿو.

نه رڳو ايترو پر زعفران هڏن جي مضبولي جي لاءِ به بهتري آهي.

سياري جي موسم ۾ زعفران جا اثر

خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جيڪڏهن ان جو استعمال ڪجي ته جسم طاقتور رهڻ سان گڏ گرم به رهندو ۽ هڏن ۽ جسماني سور ۾ وڏي حد تائين فرحت ٿيندي. زعفران کائڻ وارن ماڻهن ساهه جون تڪليفون به گهٽجي وينديون آهن.

خارش لاءِ فائدا

اهو به چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مريض کي خارش هجي ته اهو ٿورو زعفران جا تيلا پاڻي ۾ ملائي کائي ته ان جي هر قسم واري خارس مان جند ڇٽي ويندي.

ڳورهاري عورتن لاءِ فائدا

پيٽ واري عورتن جي لاءِ ته اهو انيڪ فائدن وارو آهي. جيڪڏهن ڳورهاريون عورتون روزاني جي بنيادتي زعفران کائن ته اهو نه رڳو انهن جي صحت پر ٻار جي صحت لاءِ به تمام سُٺو ثابت ٿيندو.

خوبصورتي لاءِ جادو

زعفران ۾ خوبصورتي لاءِ به وڏا فائدا آهن اهو ئي سبب آهي جو زعفران کي رنگ ۽ نور جي لاءِ جادو چيو ويندو آهي. زعفران چهري سميت سڄي چمڙي کي بي داغ ۽ سهڻو بڻائيندو آهي، زعفران کائيندڙ ماڻهن جي چهري ۾ قدرتي ڪشش، رعب تاب ۽ نکار اچي ويندو آهي.

هاضمي جا فائدا

جن ماڻهن جو هاضمو صحيح نه هجي ۽ اهي زعفران پاڻي يا چانهه ۾ پيئن ته انهن جو مسئلو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ئي حل ٿي ويندو، ڇو ته زعفران هاضمي واري نظام ۽ معدي جي لاءِ به تمام سُٺي شيءِ آهي.

جيئري ۽ پيٽ جا مسئلا

جيري ۽ پيٽ جي ٻين مسئلن جي لاءِ زعفران ڪنهن علاج کان گهٽ ناهي.

حيض جا مسئلا

جن عورتن کي حيض جا مسئلا هوندا آهن اهي ڏيڍ گرام زعفران پنجاهه ملي ليٽر ڳئونءَ جي کير ۾ وجهي استعمال ڪن ته انهن کي حيض بنا تڪليف جي جاري ٿي ويندو.

زعفران جو فصل

زعفران جي فصل جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته شايد ئي ڪنهن کي خبر هوندي ته هڪ ڀيرو ان جو ٻج پوکڻ سان ٽن نسلن تائين ان جو فصل پوکي سگهجي ٿو.

ان جي ٻج کي زمين ۾ ٻين ٻجن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهرائي ۾ رکيو ويندو آهي ۽ هر سال ان زمين کي هٿن سان ٿورو گهڻو سِڌو ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهو فصل ٻيهر ڦٽڻ شروع ٿي ويندو آهي.

دنيا جي سڀ کان مهانگي ملهه واري زعفران کي ڪشميري گولڊ چيو ويندو آهي ڇو ته سون ۽ زعفران جا اگهه لڳ ڀڳ هڪ جيترا ئي هوندا آهن. ڏهه گرام زعفران چار کان پنج هزار رپين تائين ئي وڪرو ٿيندو آهي.

زعفران جو فصل ڪشمير جي پام پورا ڳوٺ ۾ ٿيندو آهي اهو شهر ٻرندڙ زمين جي ڪري به مشهور آهي.

ٽيڪنالاجي جي مدد جي ڪري هاڻي اهو فصل ڪرڻ ٿورو گهڻو سولو ته بڻجي ويو آهي ڪشمير ۾ ان جي پڄاڻي ويجهو ٿي وئي آهي. ان فصل جي پوکائي ڪندڙن جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ڪجهه سالن کانپوءِ اهو فصل مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

زعفران جو فصل مخصوص زمينن ۾ ئي ٿيندو آهي جنهن جي ڪري انکي هر هنڌ نٿو پوکي سگهجي.

ڪشمير ۾ زعفران جو فصل ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سالن کان وٺي زعفران جي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن اهو فصل ٿيڻ واريون مخصوص زمينون وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ڪيترائي ماڻهو وڪڻي به چڪا آهن.

اتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گهٽ لاڳت جي ڪري نئون نسل اهو فصل ڪرڻ مان بيزار ٿي ويو آهي ۽ زعفران جي پوکائي واري زمينن ۾ هاڻي جٿي ڪٿي گهرن سميت ٻيون اڏاوتون ٿي رهيون آهن جنهن مان اهو لڳي رهيو آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ زعفران جو فصل مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

ڪشميري زعفران ڪشميرين جي لاءِ ثقافت جو اهڃاڻ به آهي ۽ زعفران وارو ڪهوو سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.

هونئن ته ايران دنيا اهو واحد ملڪ آهي جتي زعفران سڀ کان وڌيڪ ٿيندو آهي پر ست سئو سال اڳ اهو فصل ايشيائي اسلامي اڳواڻن اهو فصل ڪشمير ۾ پوکڻ جي شروعات به ڪئي هئي.

اهو ئي سبب آهي ته موسم جي بهتري جي ڪري ڪشميري زعفران ايران جي زعفران جو مقابلو ڪرڻ جهڙو آهي ۽ ان جا اگهه به ايترا ئي آهن. اهو فصل ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ زعفران جو فصل بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

هاڻي ڪشميري ماڻهو ان فصل کي بچائڻ لاءِ گهرن ۾ پوکائي ڪري رهيا آهن ڇو ته سانچن واري کوٽ ۽ صنعتڪاري جي واڌ سبب اهو فصل وڏي بحرانن جي ور چڙهندو پيو وڃي.

نون تجربن ۾ زعفران جي ٻج کي سئو ڏينهن تائين خاص قسم جي سانچن ۾ اوندهه گُگهه ۾ رکڻو پوي ٿو جنهن کانپوءِ ئي ان جا گونچ نڪرندا آهن جيڪي فصل جو سبب بڻبا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.