” ڇوڪرن وڏو مقابلو ڪيو، ڪجهه معاملا انسان جي هٿ وس ناهن هوندا“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ٽيم وڏو مقابلو ڪيو ۽ آخري بال تائين وڙهيا پر ڪجهه معاملا اسان جي هٿ ۾ ناهن هوندا، ٽيم جنهن نموني فائنل ۾ پهتي پوري قوم کي ان تي مبارڪباد ڏيڻ کپي.

پنهنجي وڊيو  بيان ۾ عمران خان چيو ته کيس ان شيءِ جي ڄاڻ آهي ته قوم هڪ صدمي مان گذري رهي آهي ڇو جو سڀني کي اميد هئي ته هن دفعي اسان عالمي ڪپ کٽنداسين، سڀ کان پهريان ته راند ۾ هار کٽ ٿيندي رهندي آهي.

هن چيو ته مان جڏهن ڪپتان هوندو هئس ته رانديگرن کي چوندو هئس ته آخري بال تائين وڙهو ۽ پوري ڪوشش ڪيو، جڏهن اسان ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي ۽ نتيجو سندس حق ۾ ناهي ايندو ته هو سمجهي ويندو آهي ته اِها الله جي مرضي آهي، فائنل ۾ پاڪستان ٽيم وڏي ويڙهه ڪئي ۽ آخري بال تائين ڪوشش ڪئي.

هن شاهين جي انجري بابت ڳالهائيندي چيو ته انجري راند جو حصو آهي، کيس انجري به اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن هو ميچ ۾ فرق پيدا ڪري پئي سگهيو راند تبديل ٿي پئي سگهي.

عمران خان چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ ڪرڪيٽ ڏٺي آهي ۽ هو اهو چئي سگهي ته هي دنيا جو بهترين فاسٽ بالنگ اٽيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.