سِک مخالف تقرير ڪندڙ شو سينا اڳواڻ فائرنگ ۾ مارجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي انتهاپسند تنظيم شوسينا جي اڳواڻ سڌير سوري کي امرتسر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب شو سينا جو مقامي صدر ٻين اڳواڻن سان گڏ ڌرڻي تي ويٺل هو جتي اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن جوابدار کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، فائرنگ جو واقعو گوپال مندر جي ٻاهران پيش آيو آهي.

سڌير سوري کي ڪيتريون ئي گوليون لڳيون کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو پر سندس حياتي نه بچي سگهي.

جڏهن ته حڪومت طرفان کيس اٺ کان ٻارنهن پوليس اهلڪارن جو سيڪيورٽي اسڪواڊ پڻ ڏنل هو.

سڌير سوري چونڊن واري سياست نه ڪندو هو پر پنهنجي تعصب واري تقريرن ۽ وڊيو پيغامن جي ڪري گهڻو مشهور هو جن ۾ هو سک تنظيمن ۽ خاصتان جي حاميتن تي تنقيد ڪندو رهندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.