بلڙي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، مزاحمت، پوليس تي پٿراءُ

بُلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ: احسان علي انصاري) سوشل ميڊيا تي ھلندڙ منشيات واري خبرن جو ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام نبي ڪيريو نوٽيس وٺندي رات دير سان ڊي ايس پي بُلڙي شاهه ڪريم سيد مجاھد علي شاھ ايس ايڇ او بُلڙي نورالدين بروھي جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ جھنگ ڪاتيار اندر پوليس نفري ساڻ ڪري منشيات فروشن خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو ، ڳوٺاڻن پاران  منشيات فروشن کي گرفتاريءَ کان بچائڻ لاءِ پوليس سان سخت مزاحمت ڪندي پوليس موبائلن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا جڏھن ته  پوليس اھلڪارن تي پڻ ڳوٺاڻن پاران پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويو ، ڪاروائيءَ دوران منشيات فروش شڪور سٺيو کي سڳ سوڌو سوگھو ڪري ورتو،.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.