عراق: فٽبال اسٽيڊيم ويجهو ڌماڪو، رانديگرن سوڌو ڏهه ڄڻا اجل جو شڪار

بغداد(ويب ڊيسڪ)عراق جي گادي واري هنڌ بغداد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڏهه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ويهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪو فٽبال اسٽيڊيم جي ويجهو هڪ گيريج ۾ ٿيو آهي جڏهن ته ڌماڪيدار مواد کي هڪ گاڏي ۾ رکيو ويو هو.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي ڪري ويجهو بيٺل ٽينڪر به ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ٿيا ۽ افسوسناڪ فوتين جو سبب بڻجي ويا.

مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڏهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ويهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.