پِنون نه پيا، هن صورتحال جا ذميوار مدد ڪن: مراد علي شاهه

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي دنيا مان ساڍا 4 لک خيما آيا، جڏهن ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي.

سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ بينظير ٽائون ۾ ٽيسٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مهينن اندر پاڻي ڪڍي آبادين کي بحال ڪنداسين.

هن چيو ته سنڌ ۾ غير معمولي برساتون پيون، اسان کي اهڙي اميد نه هئي، ڪجهه علائقن ۾ 100 ۽ ڪٿي 1800 ملي ميٽر برساتون پيون، هن وقت ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياهه ۾ وڃي رهيو آهي، اسان هاڻ انهن کنڊن کي ڀري رهيا آهيون، جن مان پاڻي خارج ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته مان سنڌ جي هر ضلعي جو دورو ڪيو آهي، اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، ٻن مهينن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

مراد علي شاهه چيو ته اسان کي هيل تائين ساڍا 4 لک خيما مليا آهن، ضرورت لک 15 لک خيمن جي آهي، پرڏيهي امداد مان هيل تائين رڳو 10 هزار خيما مليا آهن.

وڏي وزير چيو ته اسان ڪنهن کان پِني نه رهيا آهيون، جن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو، انهن جي ذميواري آهي ته مدد ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.