ايپل پاڪستان سميت ٻين ملڪن لاءِ اگهن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو

ايپل ايندڙ مهيني يورپ، ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪجهه ملڪن لاءِ ايپ اسٽور تي ايپس ۽ ان ايپس ۾ وڪري لاءِ اگهن ۾ واڌاري جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب ايپل ڪمپني چيو آهي ته نين اگهن تي عمل پنج آڪٽوبر کان ٿيندو جڏهن ته پاڻمرادو سبسڪرپشن تي واڌارو نه ڪيو ويندو.

آمريڪي ڪمپني مختلف خطن لاءِ اگهن ۾ اگهن ۾ تبديليون ڪندي آهي، هنن گذريل سال ڪرنسي ۽ ٽيڪسز ايدجسٽ ٿيڻ سبب يورپي ملڪن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي، مختلف ايپس جوگهٽ ۾ گهٽ شروعاتي ملهه 1.09 يورو کان گهٽ ڪري 99 يويو سينٽ ڪري ڇڏيو هو.

تازي واڌاري بعد شروعاتي اگهه 1.19 يورو ٿي ويندو.

ايپل تازو جنريشن جو آءِ فون هلندڙ مهيني متعارف ڪرايو هو، هو بنيادي سمارٽ فونز تي پنهنجو انحصار گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي سروسز جي ڪاروبار کي ترقي ڏئي رهيو آهي.

بزس سروسز سان ايپل جي آمدني ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ تيزي سان واڌارو ٿيو پر هاڻي ويهه ارب ڊالر ٿي ويو آهي، ان ۾ ايپ اسٽور به شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.