پرويز الاهي سياڻي ڪانو جيان ٻه ٽنگو ڦاسي پيو، اسٽيبلشمينٽ کي منٿون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي به آخرڪار وڏ وزارت جي وڃڻ پڪ ٿي وئي آهي ۽ هو ڪرسي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي.

نامياري تجزئي نگار عبدالله طارق سهيل جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي سان اهو ڪجهه ٿيو آهي جيڪو سياڻي ڪانو سان ٿيندو آهي، ڇو ته کيس پڪ آهي ته عمران خان سندس وڏ وزارت نه ٿو بچائي سگهي ڇو ته خود پي ٽي آءِ جا  ڪافي ايم پي ايز دلي طور پارٽي ڇڏي چڪا آهن، بس بظاهر پي ٽي آءِ جا سمجهيا وڃن ٿا، جڏهن  ته پي ڊي ايم به هاڻي مٿس اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي نه ئي وٽس پي ڊي ايم سان رابطي  جو ڪو اخلاقي جواز آهي، ان ڪري پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪيو آهي ته پي ڊي ايم جو وڏو وزير ٿيڻ ۽ حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان بنياد تي ٽياڪڙي ڪري پي ڊي ايم سان معاملا طئه ڪرايا وڃن.

جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي به غلطيءَ  جو اعتراف ڪندي هڪ غير سياسي شخصيت ذريعي پيغام اماڻيو هو پر آصف زرداري اهو چئي ٺپ انڪار ڪيو هو ته نواز شريف هاڻي اوهان کي قبول ڪرڻ يا اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،  جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ کان به کيس جواب مليو ته پنهنجا سياسي معاملا پاڻ سلجهايو، اسان ڪنهن به طرح سياسي معاملن ۾ الجهڻ نه ٿا چاهيون، اداري جي  اها واضح پاليسي آهي،  ان صورتحال ۾ پرويز الاهي شديد پريشان ٿي ويو آهي ۽ سياڻي ڪانو جيان ٻه ڄنگهون ڦاسي پيو آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-15 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.