عمران خان سياست لاءِ نه عوامي خدمت لاءِ ٽيلي ٿون ڪندو آهي: شاهه محمود

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان سياست لاءِ نه عوامي خدمت لاءِ ٽيلي ٿون ڪندو آهي، عوام جو مٿس اعتماد آهي، سندس چوڻ ته عوام ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا ڏنا.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ٻوڏ سيٽلن لاءِ گڏ ڪيل پئسو مستحقن تائين پهچائڻ لاءِ نگراني ڪري رهيا آهيون، ملڪ توڻي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليا پر وزيراعظم جي اڪائونٽ ۾ نه موڪليا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.