عمران خان سان اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار جي ملاقات

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار رابن رافيل جي ملاقات ٿي آهي.

ذريعن موجب عمران خان سان رابن رافيل جي ملاقات بني گالا ۾ ٿي، ملاقات وقت سينيٽر شهزاد وسيم به موجود هو.

رابن رافيل آمريڪا جي اڳوڻي سفارتڪار، سي آءِ اي تجزئي نگار ۽ لابئيسٽ آهي، هوءَ 1993 ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ به هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري به پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪري چڪو آهي، فواد چوڌري 8 سيپٽمبر تي آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪي سفير سان ملاقات ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.