اساما جو ساٿي، القاعده سربراه ايمن الظواهري کي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن  (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪا القاعده جو سربراه ايمن الظو اهري کي ڊورن حملي ۾ ماري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر جوبائيڊن سومر جي شام اعلان ڪيو ته القاعده جو اڳواڻ ايمن الظو اهري افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هڪ آمريڪي ڊورن حملي ۾ ماري ويو آهي. هن وائٽ هائوس ۾ بليوروم بالڪوني سان لائيو ريمارڪس ۾ چيو ته مون هڪ درست حملي جي اجازت ڏني جيڪو جاري دهشتگردي کي ختم ڪري ڇڏيندو جڏهن ته ڪنهن به افغاني شهري جو جاني نقصان نه ٿيو آهي. هن چيو ته ايمن الظو اهري تي ڊورن حملو ڪابل وقت مطابق 31 جولاءِ جي صبح 6 لڳي 18 منٽن تي ڪيو ويو ۽ 2 ميزائل هلايا ويا. آمريڪي انتظاميه مطابق ايمن الظو اهري پنهنجي خاندان سميت ڪابل جي سيف هائوس ۾ موجود هو. ايمن الظو اهري جي مارجڻ بعد ان جي خاندان جي ماڻهن کي گهر مان ڪڍي ورتو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته ايمن الظو اهري نائن اليون حملن جي رٿابندي ۾ ملوث هو آمريڪي انتظاميه مطابق ڳجهي ادارن اپريل کان ايمن الظو اهري تي نظر رکيل هئي ۽ آمريڪي صدر جي اجازت بعد ان کي نشاڻو بڻايو ويو. افغان حڪومت کي ان حملي جي ڄاڻ نه هئي. ٻئي پاسي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد آمريڪي حملي جي تصديق ڪئي ۽ آمريڪي ڪارروائي جي مذمت ڪندي ان کي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.