غوث پور لڳ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان زخمي، ٽريڪٽر به ڦر

غوث پور (ن ع آ) غوث پور جي ڳڙهي لاڙو لڳ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب هڪ ڄڻو ثناءُ الله اوڳاهي سخت زخمي  ٿي پيو جڏهن ته جوابدار هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا.هوڏانهن واقعي خلاف متاثرن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عطاءُ الله، سراج اوڳاهي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته جوابدار علي، لالو ۽ محمد اوڳاهي هٿيار کڻي اسان جي مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان ثناءُ  الله اوڳاهي زخمي ٿي پيو ۽ هٿياربند ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا. مظاهرين الزام هڻندي چيو ته غوث پور پوليس جوابدار سان ڌر بڻيل آهي، جنهن ڪري اسان سان ملڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو  کان مطالبو ڪيو ته اسان جو ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.