عمران خان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ وٺڻ ۽ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ جي معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست امن ترقي پارٽي جي چيئرمين محمد فائق شاهه پاران داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ تي عمران خان کي 62 ون ايف تحت نااهل ڪيو وڃي، عمران خان کان ايم اين اي ۽ وزيراعظم طور حاصل مراعتون ۽ سهولتون واپس ورتيون وڃن.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ به ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ تي هن کي نا اهل ڪيو ويو، نااهلي سان گڏ فيصل واوڊا کي سموريون مراعتون قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

درخواست ۾ عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان به هٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.