برسات ۾ کجي سان گڏ ٻيا فصل متاثر ٿيا آهن: قائم علي شاهه

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جيلاني حاليا چوماسي برساتن جي ٿيل تباھ ڪارن جو جائزو وٺڻ لاءِ تعلقه خيرپور جي مختلف علائقن ڳوٺ پلھ،ڳوٺ ذوالفقار آباد،ٺيڙهي،پيرمڱيون،ٻٻرلوءِ ۾ کجين جي واپارين سان ملاقات ڪري ٿيل نقصان جا تفصيل ورتا ان موقعي تي سيد قائم علي شاھ چيو ته خيرپور ضلعي اندر کجين جي فصل سان گڏوگڏ ووئڻن ۽ ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن جو پورائو ڪرڻ ته تمام ڏکيو پر پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام سان هر ڏکي وقت ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏيندي رهي آهي هن چيو ته هاڻي به عوام کي بي يارمددگار نه ڇڏبو ۽ سندن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪبي هن چيو ته منهنجو سڀني آبادگارن کي چوڻ آهي ته هو سندن ٿيل نقصان جو سڄو تفصيل ڊي سي ۽ مختيارڪار روينيو آفيسر ڏانهن جمع  ڪرائين ته جئين سندن هر ممڪن مدد ٿي سگھي هن چيو ته عوام ملڪي حالات کان باخبر آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري چوٽ چڙهيل آهي جيڪا اسان کي نيازي سرڪار جو ڏنل تحفو آهي پر ان جي باوجود اڳوڻي صدر آصف علي خان زرداري ۽ پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري رات ڏينهن ان جاکوڙ ۾ آهن ته ملڪ کي ان دلدل مان ٻاهر ڪڍي عوام کي رليف ڏياريون. ٻئي طرف سيد قائم علي شاھ جيلاني پيرمڱيو ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ اغوا بعد قتل ٿي ويل محمد اسماعيل ڪلهوڙو جي والد سان ۽ ٺيڙهي ۾ عبدالمجيد شيخ سان سندس ڀاڻيجي جي وفات تي تعزيتون ڪيون  ان قعي تي پ پ اڳواڻ قاضي عزيز الرحمان،لال بخش منگي،عتيق الرحمان ڦلپوٽو،امام ڏنو ملاح،دادن خان ڦلپوٽو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.