رانديگرن کي پئسا نه پيا ملن انڪري محنت نٿا ڪن، مونکي به پگهار ناهي ملي: هاڪي ڪوچ جا انڪشاف

پاڪستاني هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ سيگفرئيڊ ايڪمين ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان جي ناڪامين جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو .

خانگي ٽي وي چئنل ڳالهائيندي هاڪي ڪوچ چيو ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ رانديگرن جي مالي حالت آهي، رانديگرن کي ڪيترن ئي مهينن کان پئسا ناهن مليا، مونکي به پگهار ناهي ملي.

پاڪستاني هاڪي ڪوچ چيو ته پاڪستان ٽيم وٽ سهولتن جي کوٽ آهي، رانديگرن وٽ نه سٺو سامان آهي نه پئسا، مالي معاملا حل نه ٿيندا ته رانديگر محنت نه ڪندو، پاڪستان ٽيم کي ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ پٿر واري دور ۾ اچي ويو آهيان.

سيگفرئيڊ ايڪمين چيو ته ڪامن ويلٿ گيمز کانپوءِ به هو هاڪي ٽيم جي ڪوچنگ جاري رکندو، اسان کي عالمي ڪپ2026ع لاءِ ٽيم تيار ڪرڻي آهي، رانديگر معاوضو نه ملڻ باوجود ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اڃا ٻه ميچون آهن جنهن ۾ بهتر راند پيش ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.