پرويز الاهي ”فرح گوگي کي بچائڻ لاءِ“ اهم کاتي جو سربراهه هٽائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جو عهدو سنڀاليندي ئي انتظامي عهدن تي تبديليون ڪيون.

فرح گوگي خلاف جاچ ڪندڙ ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن کي به عهدي تان هٽايو ويو.

پنجاب جي ڊي جي اينٽي ڪرپشن رانا عبدالجبار ۽ سي سي پي او لاهور بلال صديق ڪمياڻي کي عهدن تان هٽائي آءِ بي کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 ڊي پي او جهنگ سردار غياث گل کي به عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شهزاد شوڪت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

واضع رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي دوست فرح گوگي تي ڪرپشن جا الزام آهن، پر هوءَ عمران خان خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ دوران پرڏيهه وئي هئي، جنهن خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ جاچ جاري آهي.

پرويز الاهي طرفان ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي عهدي تان هٽائڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدار ان قدم کي فرح گوگي کي بچائڻ سان لاڳاپي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.