ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي وڏو جهٽڪو، پنجاب اسيمبلي مان اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارلياماني ليڊر راجا بشارت پاران ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ جو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو جيڪو ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو .

پنجاب اسيمبلي ۾ سڀاڻي شام 4 وڳي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جنهن لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ شام پنج وڳي تائين جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ واري عمل به اڄ مڪمل ڪيو ويندو.

پنجاب اسيمبلي ۾ پرويز الاهي جي قائد ايوان ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ طرفان اسيپڪر لاءِ سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ واثق قيوم جا نالا سامهون آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.