ڀارتي فوجي پنهنجن ئي ٻن ساٿين کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوجي اهلڪار فائرنگ ڪري پنهنجن ئي ٻن ساٿين کي ماري وڌو، اهو واقعو پنجاب جي ضلعي جي پٺاڻ ڪوٽ ۾ پيش آيو.

ڀارتي ميڊيا موجب 22 ورهين جي سپاهي ٻن حوالدارن کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار چئن سالن کان فوج ۾ خدمتون ڏئي رهيو هو.

ساٿي فوجي اهلڪارن کي مارڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو پر کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.