سوڀي ديري ٽائون جي وارڊ 7 تان جي ڊي اي اميدوار ڪامياب

سوڀو ديرو (ن ع آ)بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پاران غلط اميدوار سليڪٽ ڪرڻ سبب ۽ ڪم نه ڪرائڻ سبب ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو جي وارڊ نمبر 7 تي جي ڊي اي اميدوار ماجد علي ميمڻ 413 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو برڪت شيخ 255 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو وارڊ 2 تي آزاد اميدوار سيد غلام حسين عرف حسن شاھ 88 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو اميدوار ارشاد علي گاڏھي 82 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ جي ڊي اي جو اميدوار سيد زوھيب علي شاھ 15 ووٽ کڻي ٽئين نمبر رھيو. ٽائون ڪميٽي وارڊ ون 1 تي پ پ جو مرتضي سامٽيو 393 ووٽ کڻي ڪامياب جي ڊي اي جو اشفاق سامٽيو 271 ووٽ کڻي ھارائي ويو ٽئين نمبر تي آزاد اميدوا صفدر شاھ 74 ووٽ چوٿين نمبر تي پي ٽي آءِ جو مير نورالنبي ٽالپر 70 ووٽ کنيا.ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو وارڊ 6 تي پ پ جو شھزادو لاشاري 432 کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي جو سڄڻ لاشاري 274 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي جو اميدوار ايڊوڪيٽ شفقت علي اوٺو 651 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ ممتاز علي کوکر 487 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔وارڊ نمبر 8 تي پ پ جو 1089 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي جو اسلم علي سھتو 301 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ وارڊ نمبر 5 تي پ پ جو حبيب  الله منڱڻيجو 670 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ٻئي نمبر تي آزاد اميدوار رازعلي منڱڻيجو 271 ووٽ کڻي ھارائي ويو، وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو نسيم حيدر سولنگي 536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جي ڊي اي جو احسان علي ميمڻ 226 ووٽ کڻي ھارائي ويو ٽئين اميدوار نواز ليگ جو منصور علي منڱڻيجو 107 ووٽ کنيا۔ ٽائون ڪاميٽي سوڀوديرو جا جملي اٺ وارڊ آھن پنج پيپلزپارٽي کٽيا آھن ٻه وارڊ جي ڊي اي کنيا جڏھن ته ھڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آھن۔ گذريل مڪاني چونڊن ۾ اٺ ئي وارڊ پ پ کٽيا ھيا پ پ جي ناقص ڪارگردگي ۽ غلط اميدوار بيھارڻ سبب پ پ کان ٽي وارڊ ھارائجي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.