بيلٽ پيپرز تي غلط اميدوارن جا نالا: ڪجهه وارڊز ۾ چونڊون ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ڪجهه وارڊز ۾ بيلٽ پيپرز تي غلط اميدوارن جا نالا پرنٽ ٿيڻ تي پولنگ ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ڪجهه وارڊز جي بيلٽ پيپرز تي اميدوارن جا نالا غلط پرنٽ ٿيا جنهن سبب ڪجهه وارڊز ۾ پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ترجمان چيو ته ان ڪيٽيگري آف سيٽس تي ٻيهر اليڪشن لاءِ اليڪشن ڪميشن نئون شيڊيول جاري ڪندو.

ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز تي غلط نالو شايع ٿيڻ جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي نوابشاهه ۾ پولنگ اسٽيشن نادر شاهه ڊسپنسري ۾ غلط چونڊ نشان تي اميدوار احتجاج ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.