440 اربن جا واڌو ٽئڪس لڳندا، اصل بجيٽ هاڻ ايندي: شوڪت ترين

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته هي بجيٽ خانا پوري آهي، حڪومت 440 اربن جا واڌو ٽئڪس لڳائڻ واري  آهي،  اصل بجيٽ هاڻ ايندو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف 440 اربن جي واڌو ٽئڪس لڳائڻ لاءِ زور ڏنو آهي. هن چيو ته سندن يعني پي ٽي آءِ جي وقت ۾ ته لوڊشيڊنگ نه ٿي هئي. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته عمران خان کي اقتدار ۾ نه اچڻ جو مشورو ڏنو هو. هن چيو ته 2013ع ۾ عمران خان ڪريو هو ته ملاقات لاءِ ويو هئس، جتي کيس مشورو ڏنو ته هاڻ اقتدار ۾ نه اچو. هن چيو ته  هن پاڻ 5 بجيٽون ڏنيون. عمران خان 3 ناڻي وارا وزير تبديل ڪيا، جيڪا سٺي خبر ناهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.