آمريڪي رياست ويسٽ ورجينيا ۾ هلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر ڪرڻ وارو واقعو لوگن ڪائونٽي جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ پيش آيو.
رپورٽن موجب حادثي ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ڇهي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.