والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڏاڍ جاري، وڌيڪ 7 نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، ڀارتي فوج والاريل ماٿري ۾ 24 ڪلاڪن دوران 7 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪپواڙا ضلعي جي علائقي لولاب ۾ ڪارروائي دوران ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو ، پلوامه ۾ به ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري شهيد ٿي ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڪشمير کي جڙتو آپريشن دوران شهيد ڪيو ويو، ڀارت فوج گذريل ڏينهن ڪپواڙا ضلعي ۽ ڪلگام ۾ 4 نوجوانن کي شهيد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.