خيرپور ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، احتجاج

خيرپور ( س ر ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبوب شيخ جي رهواسين جو پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ  نيشنل بئنڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري جي اڳواڻي وڏيرو محبوب شيخ، ممتاز علي ، راجا خان ، تهمور شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.  ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان خليق الرحمان پٽ رياض حسين شيخ  4 ڏينهن اڳ صبح جو  گهران روزگار لاءِ نڪتو جيڪو پراسرار  نموني گم ٿي ويو آهي. ،  جنهن جي ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ڪي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ،جڏهن ته پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي موٽرسائيڪل عرفان ميتلو نالي شخص وٽان ملي آهي  جنهن بعد نوجوان جي وارثن پاران بي سيڪشن خيرپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس خليق الرحمان شيخ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو جنهن ڪري گهر ۾ قيامت صغرا جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ، وارث عورتن کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آهي مظاهرين آءِ جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي پر اسرار نموني گم ٿيل خليق الرحمان جي ڳولا ۾ مدد ڪري انصاف ڪيو وڃي . ٻئي طرف خليق الرحمان شيخ جي گمشدگي خلاف وارثن جي احتجاجي ريلي سان پيپلز پارٽي خيرپور جي مرڪزي اڳواڻن مظهر خان منڱڻهار ، عتيق الرحمان ڦلپوٽو جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا ۽ نوجوان جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان رابطو ڪرڻ بعد وارثن کي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.