گستاخ بيان ڏيندڙ نوپور شرما پنجن ڏينهن کان گم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم بابت گستاخانا بيان ڏيندڙ ڀارتيه جنتا پارٽي جي ترجمان نوپور شرما گذريل 5 ڏينهن کان گم آهي ۽ اڃا تائين پوليس سموريون ڪوششن باوجود پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

ممبئي پوليس جي هڪ ٽيم پنج ڏينهن اڳ نوپور شرما کي گرفتار ڪرڻ دهلي پهتي هئي. هي ٽيم بي جي پي جي عورت ترجمان خلاف گستخانا بيان تي داخل ڪيس جي سلسلي ۾ جاچ لاءِ آئي هئي پر هن وقت تائين نوپورشرما کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

ممبئي پوليس جو چوڻ آهي ته بي جي پي ترجمان گم آهي ۽ هن سان رابطو ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون آهن جڏهن ته هن جي گھر ڀاتين به گمشدگي جي رپورٽ داخل ناهي ڪرائي.

ميڊيا رپورٽ موجب 28 مئي تي ممبئي ۾ داخل ٿيندڙ ڪيس ۾ پوليس وٽ نوپورشرما کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گھڻا ثبوت موجود هئا ۽ ائين لڳي پيو هوءَ گرفتار جي ڀوءَ کان لڪي وئي آهي.

ان کان اڳ ممبئي پوليس ان ڪيس تي نوپورشرما کي هڪ اي ميل ذريعي سمن اماڻيو هر پر هو پوليس اڳيان پيش نه ٿي جنهن تي هاڻي پوليس جي هڪ ٽيم به اماڻي وئي آهي.

ياد رهي ته بي جي پي جي ترجمان نوپورشرما هڪ ٽي وي چينل تي پاڻ سڳورن صه جي شان ۾ گستخانه گفتگو ڪئي هئي جنهن تي اسلامي ملڪن ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو هو ۽ 5 جون تي بي جي پي هن کي معطل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.