ملڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به 1000 پوائنٽن کان وڌيڪ گهٽتائي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو نئين ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به برقرار رهيو.

انٽر بئنڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه هڪ رپيو 51 پئسا واڌ سان 203 رپيا 86 پئسا رهيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 2 رپيا واڌ کانپوءِ 205 رپيا رهي.

هوڏانهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 1134 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 879 پوائنٽن تي بند ٿيو.

ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1236 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 40833 رهي.

بازار ۾ اڄ 16 ڪروڙ 37 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جنهن جي ماليت 4 ارب 35 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 178 ارب رپيا گهٽ ٿي 6849 ارب رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.